تاجو سامٽيو

تاجو سامٽيو: تاجو سامٽيو، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي (سن 1777ع- 1780ع) جي خاص صلاحڪارن مان هو. ميان عبدالنبيءَ جڏهن ايلچي موڪلي قنڌار جي بادشاهه کان سپاهه جي مدد گهري، تڏهن قنڌارين پاران مدد خان پٺاڻ وڏي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهيو. ميان عبدالنبي واعدي مطابق قنڌاري لشڪر کي تاوان جي رقم ڏئي نه سگهيو، ان ڪري مدد خان پٺاڻ، سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري هزارين جانيون ضايع ڪيون ۽ ميان جي خاص اميرن تاجي سامٽيي ۽ ڪن ٻين کي قيد ڪري عذاب ڏنا. جتان ڪجهه عرصي بعد آزاد ٿيا. وري جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر، ميان عبدالنبيءَ تي ڪاهيو، تڏهن ميان، محمد حسن کهاوڙ کي سپھه سالار مقرر ڪري، وڙهڻ لاءِ موڪليو ۽ سندس مدد لاءِ تاجي سامٽيي، ڌڱاڻي جتوئيءَ، پيروز ڪليريءَ ۽ غلام حسين جهنجهڻ کي نومڙين ۽ کوسن جا لشڪر ڏئي گڏ موڪليو. اُهي هالاڻيءَ ۾ اچي وڙهيا ۽ ٽالپرن کان شڪست کاڌي. تاجو سامٽيو هالاڻيءَ جي جنگ ۾ محمد حسن کهاوڙ جي دستي ۾ وڙهندي مارجي ويو.


لفظ تاجو سامٽيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو